عبدالله کوسو–20 ھين صدي جي سماجي دنيا جومتحرڪ ڪردار

الياس ٿري


عبدالله کوسو- امراڻي جا نوجوان ھن کي جپسي ۽ رولاڪ سڏي سگھن ٿا سندس ھٿ جي ريکائن ۾ بادشاھت لکيل آھي عبدالله کوسويا نه پر فقيري سندس انگ انگ ۾ رچيل آھي ۽ نيڻن جي صحرا ۾ ھرڻي جون ڇالون پياسي بدن تي مور جي ٽھوڪي جيان ڀاسنديون آھن۔

عمرڪوٽ شھر جي وچ واري ڀٽ تي آباد ھن فقير کي کوسو مطلب ٻروچ ھوندي به خلق ساده لوھ سڄڻ سمجھندي آھي طبعي زندگي ۾ اسان پاري سنگت توڙي اسڪول کان يونيورسٽي جي رڪارڊ تائين کيس عبدالله کوسو جي نالي سان سڃاڻي ٿي وھي کاتي جي پنن جيان عبدالله کوسو جي زلفن ۾ به جھيڻي سفيدي جا آثار اچي چڪا آھن پر ھو اياز جي سٽن ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر تي عمل پيرا آھي۔

چاچي ميرحسن کوسو جي گھر عمرڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ عبدالله کوسو 45 سالن جي ڄمار ۾ جدوجھد جو ڊگھو پس منظر جوڙيو اٿس، ماسٽر سوشالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۽ وڪالت لا ڪاليج ميرپورخاص سنڌ يونيورسٽي بورڊ ڄامشورو مان حاصل ڪئي اٿس.

ھن نوجوان عمرڪوٽ م شاھ لطيف ادبي لائبريري جو قيام عمل ۾ آندو جنھن ۾ پرشوتم کتري جيڪو ھاڻ وڪالت سان لاڳاپيل ۽ غلام محمد ڪنڀر جيڪو ھن وقت صحافت پيو ڪري ان سميت عرضي چانگ پرويز کوسو ۽ ٻين سان سڀني گڏجي بنياد وڌو جيڪو گهڻو عرصو ھلي پر پوءِ مالي حالتن جي ڪري اڳتي سروائيو نه ڪري سگھي۔

عبدالله کوسو

بورڊ ۾ سردار شاھ، حليم باغي،ڊاڪٽرربنوازڪنڀرجيڪو ھاڻ ھن دنيا ۾ نه آھي اھي سڀئي ساٿي سٿ جو حصو رھيا۔ لائبريري جو پھريون صدر قاسم سومرو ھو ان کان سواء سامي سماج سجاڳ سنگت ھاڻوڪي سامي فائونڊيشن، سنڌ رورل سپورٽ پروگرام ميرپورخاص، ٻارن جي حقن جي اداري اسپارڪ پاڪستان جنھن ۾ ھارين جي حقن، چائيلڊ ليبر، انھن جي پاليسين متعلق عمل ڪرائڻ ھيلٿ ايجوڪيشن تي ڪم ڪيو.

اويئر آرگنائيزيشن ڊي سي ايڇ ڊي آء بي اي سکر سان گڏ ايجوڪيشن تي ڪم ڪرڻ سميت ملڪ ۾ عام چونڊن دوران پاڪستان اليڪشن ڪميشن سان گڏ اليڪشن عملي جي ڪيپيسٽي بلڊنگ ڪرڻ ته جيئن اھي اليڪشن ۾ ڪم ڪري سگھن اھو ڪم 2008 ,2013 ,2018 وارين ٽنھي اليڪشنن م بطور ماسٽر ٽرينرسرانجام ڏنو ٻيون مختلف سروي به ڪيون ھن وقت اين سي ايڇ ڊي ۾ خدمتون ڏئي رھيو آھي۔

ڪجھ وقت صحافت به ڪئي، لکڻ پڙهڻ سان به دلچسپي رھي آھي اڪيڊمڪ سائيڊ کان بي ايس سي ڪراپ پراڊڪشن شعبي مان ڪندڙ ھن ساٿي عمرڪوٽ جي سماجي کيترلاء سرڙيئي ھاري جيئن پورھيو ڪيو آھي جنھن جي ڪڏھن ڪڏھن سنگت ٽڪاوي به کايو وڃي پرھن ٽيننسي ايڪٽ جي پرواه ڪرڻ کان سواء سدائين جيڪو ڪمايوسين قوم جو آھي چواڻي سارو ثمر ۽ وکرسنگت جي وچ ۾ ئي پڌرو ڪيو آھي۔

عمرڪوٽ ۾ سنگت سان گڏجي ڪنھن دور ۾ ھن ھمراھ شاھ لطيف لائبريري قائم ڪئي مختلف سماجي تنظيمن جو بنياد رکيو. اھا ٻي ڳالھ آھي جو سندس جي جدوجھد جو گھڻن ٻين کٽيو کاڌو پرھن فقيرڪڏھن به حسابن ڪتابن جو پنو نه ڦُلھوريو. عمرڪوٽ جي علمي ادبي سياسي سماجي پروگرامن ۽ ميڙاڪن جو کيس دلڙي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ھارين، عورتن، ٻارڙن ۽ انساني حقن لاء جاکوڙيندڙ عبدالله کوسو به ڪيون ڪسي ڪو وفا ڪي بدلي وفا نھين ملتي جھڙين سٽن جو واضح عڪس محسوس ٿيندو، جن تنظيمن لاء ھن اوجاڳيل اکڙين سان امراڻي جي پڌرتي شامون ۽ صبح ٿيندي ڏٺا تنھن امراڻي جي سنگت چانڊوڪين توڙي انڌارين ۾ کيس وساري ڇڏيو۔

وقت ويو آ لٽي ھن جون سڀ حسناڪيون
جي وڍيندڙ ملي آ سکي جي خبر

عمرڪوٽ جي معصوم وجنتي ڪيس کان وٺي اقليتن سان ٿيندڙ انياءُ وارين خبرن تي لمحن ئي لمحن ۾ ساٿين کي ڀيڙو ڪري وفد جي صورت ۾ اسٽيڪ ھولڊرن سان ميٽنگ ڪرڻ ۽ اکيون اکين ۾ وجھي پنھنجو مدلل موقف آڏو رکڻ جو ڏانءُ به ڪير وٽائن سکي مالڪ سائين سدائين کيس خوش آباد رکي۔

الياس ٿري سينيئر ۽ جاکوڙي صحافي آهي. هن وقت عوامي آواز ۽ مهراڻ ٽي وي جو عمرڪوٽ مان ڊسٽرڪٽ رپورٽر آهي. فيس بوڪ تي لائيو ريڊيو پروگرام پهر پڪارون روزانو ڪري رهيو آهي. سندس فيس بوڪ آئي ڊي https://www.facebook.com/thari.ilyas.1آهي

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *